حڪومت طرفان استعيفيٰ جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشن جو رد عمل سامهو اچي ويو

اسلام آباد : حڪومت طرفان استعيفيٰ جي مطالبي تي اليڪشن ڪميشڻ جو رد عمل سامهو اچي ويو، چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چيف اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميشن جا ميمبر حڪومت جي مطالبي تي استعيفيٰ نه ڏيندا، اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن جي الزامن جو مناسب وقت تي جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن ڊسڪا جي فيصلي اچڻ بعد ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت کي چيف اليڪشن ڪمشنر يا ڪنهن ميمبر تي ڪو مسئلو آهي ته لاڳاپيل فورم تي وڃي.