سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڄ نئين تعليمي سال تحت مرحليوار ڪلاس شروع

ڄامشورو : سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ اڄ نئين تعليمي سال تحت مرحليوار  ڪلاس شروع ٿي رھيا آھن، جنھن لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آھن ۽ شاگردن لاءِ ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻ جون ھدايتون به جاري ڪيون ويون آھن، سنڌ يونيورسٽي ۾ اڄ سومر  کان ٻئين ۽ آخري سال جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون 15 ڏينھن لاءِ پنھنجا ڪلاسز وٺندا، جنھن بعد پھرين اپريل کان 15 اپريل تائين پھرين ۽ ٽئين سال جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنھنجا ڪلاس وٺي سگھندا، ڄاڻايل فيصلو ڪورونا وائرس کان محفوظ رھڻ لاءِ ڪئمپس تي گھٽ کان گھٽ رش ڪرڻ جي سلسلي ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو جي صدارت ھيٺ ٿيل ھڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو ھو. ٻئي طرف ٽرانسپورٽ انچارج مھر علي قاضي موجب پوائنٽ بسون مقرر رستن تي ھلايون وينديون.