سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ اسان جا ووٽ رد ڪري حڪومتي اُميدوار کٽرايو ويو: بلاول

حيدرآباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ پرزائيڊنگ آفيسر اسان جا ووٽ رد ڪري حڪومتي اُميدوار کي کٽرائي ڇڏيو، عدالت جو فيصلو اچڻ سان خبر پئجي ويندي ته سينيٽ چونڊن ۾ به حڪومت هارائي وئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ يوسف رضا گيلاني کي 49 ۽ حڪومتي اُميدوار کي 48 ووٽ مليا هئا، پرزائيڊنگ آفيسر يوسف رضا گيلاني جي ووٽس کي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو آهي ته پي ڊي اي جي سڀاڻي واري اجلاس ۾ اڳتي جي لائحه عمل بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا، حيدرآباد جي دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري لائيو اسٽاڪ ايڪسپو ۾ شرڪت ڪئي، پ پ چيئرمين طرفان ڪاٺڙي ٻيلي ۾ ٻوٽا پوکڻ واري مهم جو افتتاح به ڪيو..