مصر ۾ ڪپڙي جي فيڪٽري کي باهه، ويهه فوت

قاهره: پرڏيهي خابرو اداري موجب مصر جي راڄڌاني قاهره ۾ ڪپڙي جي فيڪٽر کي باهه لڳي جنهن سبب 20 ڄڻا فوت جڏهن ته 24 زخمي ٿي پيا.
واقعي کانپوءِ فائر بريگيڊ موقعي تي پهچي فوري طور باهه وسائي ۽ ريسڪيو اهلڪارن زخمين کي اسپتال پهچايو.
قاهره ۾ قائم ڪپڙي جي فيڪٽري کي باهه لڳڻ سبب دوهين جا بادل ڇانئجي ويا، 4 منزلن جي عمارت ۾ باهه لڳڻ جي سببن جي اڃان تائين خبر نه پئجي سگهي آهي پر حڪومت ان جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.