سنڌ ۾ ڪورونا وئڪسين جي ٻئين مرحلي جي شروعات ،عذرا فضل پيچوهو کي سائنو فارم وئڪسين جي پهرين خوراڪ ڏني وئي

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وئڪسين جي ٻئين مرحلي جي شروعات ڪئي وئي، ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو کي سائنو فارم وئڪسين جي پهرين خوراڪ ڏني وئي، وئڪسين سينٽر ۾ صوبائي وزير سمورن مرحلن ۾ حصو ورتو ۽ وئڪسين لڳائڻ اڌ ڪلاڪ تائين نگراني ۾ گذاريو، صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 60 سال کان وڌيڪ عمر جي هڪ هزار ماڻهن کي ڪورونا کان بچاءُ جي وئڪسين لڳائي وئي آهي، هيل تائين ڪنهن جي به طبيعت خراب ٿيڻ جو واقعو پيش نه آيو.