پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي جي 2 ميمبرن شهريار شر ۽ اسلم ابڙوکي پارٽي مان نيڪالي ڏئي

اسلام آباد: پي ٽي آءِ سنڌ اسيمبلي جي ٻن ميمبرن شهريار شر ۽ اسلم ابڙوکي پارٽي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي، پي ايس ون جيڪب آباد تان اسلم  ابڙو ۽ پي ايس 18گهوٽڪي تان  شهريار شر کي پارٽي مان نيڪالي ڏني وئي آهي، سنڌ اسيمبلي سان تعلق رکندڙ ٻنهي ميمبرن جي بنيادي جماعتي ميمبر شپ ختم ڪئي وئي آهي، ان سلسلي ۾ تحريڪ انصاف جي ڪميٽي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري ٻنهي ميمبرن جي اسيمبلي ميمبرشپ واپس ورتي ويندي.