آءِ سي سي جو سينيئر آفيسر ڪرپشن جي الزامن ۾ ڦاسي پيو

دبئي: آءِ سي سي جو هڪ سينيئر آفيسر ڪرپشن جي الزامن جي ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي.
ڀارتي ويب سائيٽ موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي هيڊڪوارٽر ۾ مقرر هڪ سينئير آفيسر جي شڪي سرگرمين جي جاچ لاءِ برطانيا جي هڪ ڪمپني جون خدمتون حاصل ڪيون ويون هيون جنهن مختلف ملازمن ۽ شخصيتن کان انٽرويو ڪيا.
شروعاتي رپورٽ ۾ سينيئر آفيسر تي آءِ سي سي ايونٽس جي ميزباني جي معاملن تي اثرانداز ٿيڻ، آءِ سي سي ميڊيا رائٽس جي معاملن ۾ مداخلت، ساٿي ملازمن کي خوفزده ڪرڻ سميت ٻيا مختلف الزام سامهون آيا آهن، في الحال ان آفيشل کي موڪل ڏني وئي آهي، وڌيڪ انڪشاف ٿيڻ جا امڪان آهن.