پي ڊي ايم پاران ڊپٽي چيئرمين سينيٽ جو عهدو جي يو آءِ ۽ اپوزيشن ليڊر نواز ليگ کي ڏيڻ تي اتفاق

اسلام آباد: پي ڊي ايم جي خصوصي ڪميٽي طرفان سينيٽ ۾ ڊپٽي چيئرمين لاءِ جي يو آءِ جو اُميدوار بيهارڻ تي اتفاق، سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جو عهدو نواز ليگ کي ڏيڻ جو فيصلو، خصوصي ڪميٽي جي اجلاس ۾ نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين اپوزيشن پارٽيز جي نمائندن شرڪت ڪئي، ڪميٽي پي ڊي ايم جي سربراهه کي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن کان آگاهه ڪري ڇڏيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ٿيل حتمي فيصلن جو اعلان مولانا فضل الرحمان ڪندو، جي آءِ طرفان عبدالغفور حيدري کي ڊپٽي چيئرمين لاءِ نامزد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.