پي ڊي ايم اجلاس دوران اويس نوراني ۽ قمرالزمان قائره ۾ جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد: پي ڊي ايم اجلاس ۾ جميعت علماءِ پاڪستان جي سربراه شاهه اويس نوراني ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ قمرالزمان قائره وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اويس نوراني سوال ڪيو ته مولانا فضل الرحمان جي ٽي سال پهرين صدارتي چونڊ ۾ اپوزيشن پارٽين ڇو حمايت نه ڪئي؟ جنهن تي قمرالزمان قائره چيو ته صدارتي چونڊ جو معاملو پي ڊي ايم ٺهڻ کان پهرين جو آهي. اسان مختلف نظريا رکندڙ پارٽيون ۽ اتحادي آهيون پر هڪٻئي ۾ ضم ناهيون ٿا. جنهن بعد مولانا فضل الرحمان اويس نوراني کي ماٺ ڪرايو جڏهن ته شاهد خاقان عباسي ڳالهه جو رخ موڙي ڇڏيو!