اسڪارپ کاتي گھوٽڪي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جو انڪشاف، عملدار طلب

ميرپورماٿيلو: اسڪارپ کاتي گھوٽڪي ۾ ڪروڙين روپين جي مبينا ڪرپش ھاءِ ڪورٽ سکر آبپاشي کاتي جي عملدارن کي طلب ڪري ورتو، ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر، ايم ڊي سيڊا، ڊاريڪٽر سيڊا گھوٽڪي، انجنيئر اسڪارپ ۽ ٻين تي 7 اپريل تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شھري منظور ملڪ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائندي موقف اختيار ڪيو ته اسڪارپ کاتي اندر 10 سالن ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ٿي آھي، ھر سال ٽيوب ويل جي مرمت لاءِ ٽيندڙ جاري ٿيڻ باوجود ھڪ دفعو به مرمت ناھي ڪرائي وئي، مشينري به چوري ٿي وئي آھي.