سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرز لوٽا کڻي پهتا

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرز لوٽا کڻي پهتا، ميمبرز جو چوڻ آهي ته اسلم ابڙو ۽ شهريار شر لاءِ 2 لوٽا آندا، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کي به جيل مان بڪتر بندگاڏي ذريعي اسيمبلي پهچايو ويو، اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو، ايجنڊا مان سوال گم ڪرڻ خلاف نصرت سحر عباسي احتجاج ڪيو، نصرت سحر عباسي چيو ته رات جيڪا ايجنڊا موڪلي وئي ان ۾ منهنجو سوال شامل هو پر اڄ ايوان ۾ ڏنل ايجنڊا مان گم آهي ، اسپيڪر جواب ڏنو ته ايجنڊا جي ان ڪاپي ۾ غلطيون هيون ان ڪري تبديل ڪيو ويو آهي، توهان ويهي رهو، اسپيڪر نصرت سحر عباسي جي مائيڪ بند ڪرائي ڇڏي.