علي حيدر جي وڊيو وارو معاملو: يوسف رضا گيلاني خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل

اسلام آباد: يوسف رضا گيلاني چونڊ عمل ۾ ڪرپشن جو ذميوار ثابت ٿيو، علي حيدر گيلاني جِي وڊيو سامهون اچڻ بعد تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن ۾ يوسف رضا گيلاني جي نااهلي لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته علي حيدر گيلاني ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن به علي حيدر گيلاني جي وڊيو جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.