سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جو عمل جاري

اسلام آباد: سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ڳڻپ جو عمل شروع: سينيٽ جي 37 سيٽن لاءِ قومي اسيمبلي ۾ 341 مان 340 ميمبرز ووٽ ڪاسٽ ڪيا، جماعت اسلامي جَي هڪ ميمبر عبدالاَڪبر چترالي غير جانبدار رهڻ جو فيصلو ڪندي ووٽ ڪاسٽ نه ڪيو: وزير اعظم عمران خان، بلاول ڀٽو زرداري، اسپيڪر اسد قيصر، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف، وفاقي وزير شيخ رشيد ۽ شاهه محمود قريشي سميت ٻين ميمبرز ووٽ جو حق استعمال ڪيو: قومي اسيمبلي جي اسلام آباد جي 2، خيبرپختونخواهه جي 12، سنڌ جي 11 ۽ بلوچستان جِي 12 سيٽن تي پولنگ ٿي، پنجاب جي سمورن 11 سيٽس تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا.