سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن تيز، ڪيترائي اجها ۽ دڪان ڊاهي پٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن تيز، هالا ۾ آپريشن دوران متاثرعورتون پاڪ ڪتاب کڻي عملدارن کي گهر نه ڊاهڻ لاءِ منٿون ڪنديون رهيون، ميهڙ ۾ رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي آپريشن دوران ڪيترائي گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، نئون ڪوٽ، صالح پٽ ۽ ٻين شهرن ۾ به آپريشن دوران سوين گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، متاثرن پاران انتظاميا تي هڪطرفي ڪارروائي جو الزام هنيو ويو آهي.ق