سينيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي ڪاميابي لاءِ وزيراعظم ميدان تي اچي ويو

اسلام آباد: سينيٽ جي چونڊن 2021 ۾ تحريڪ انصاف جي اميداوارن جي ڪاميابي لاءِ وزيراعظم پاڻ ميدان تي اچي ويو.

ذريعن موجب وزيراعظم ايندڙ ٽن ڏينهن تائين پارليامينٽ چيمبر ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم ٻن ڏينهن ۾ پارليامينٽ هائوس جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ان دوران وزيراعظم اسيمبلي جا مسئلا ٻڌندو ۽ انهن جا خدشا به ختم ڪندو، ذريعن موجب سينيٽ چونڊن سبب هفتيوار ڪابينا جو اجلاس پڻ نه ٿيڻ جو امڪان آهي.