وفاقي حڪومت جو پيٽروليم شين جا اگهه نه وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪا واڌ ناهي ڪئي وئي، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول اگهن ۾ مسلسل واڌ باوجود وزيراعظم ملڪ ۾ اگهه وڌائڻ جي اجازت نه ڏني.سياسي رابطن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار شهباز گل ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته اوگرا تقريبن 6 کان 7 رپيا في ليٽر تائين پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جي تجويز ڏني پر وزيراعظم اها تجويز منظور نه ڪئي.