پني عاقل مان اغوا ڪيل 3 ڀينرون اوٻاوڙي مان بازياب

سکر: پني عاقل مان اغوا ڪيل 3 ڀينرون اوٻاوڙي مان بازياب ٿي ويون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ ارباب جهنڊير مان عاصمه،ريشمان ۽ ماريه جهنڊير کي اغوا ڪيو ويو هو، پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڀينرن کي اوٻاوڙي ۾ ڇاپو هڻي بازياب ڪرايو ويو،نارين جي اغوا جو بائيجي ٿاڻي تي ڇهن اڻسڃاتل جوابدارن مٿان اغوا جو ڪيس به داخل ٿيل آهي.