خيرپور ضلعي ۾ ڪڻڪ ڪرپشن ڪيس: 48 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

سکر: سکر جِي احتساب عدالت، خيرپور ضلعي ۾ سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين واري ڪيس ۾ ڊي ايف سي سوڌو 48 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ڊي ايف سي محمد علي اڄڻ ۽ ٻين جوابدارن جو ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪري ورتو.