موقف تان ڦري وڃڻ اپوزيشن جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪالهه تائين اليڪشن خلاف احتجاج ڪندڙ اڄ اُن جا حامي بڻجي ويا، بار بار موقف ۽ بيانيي تان ڦري وڃڻ اپوزيشن جي سڃاڻپ بڻجي وئي آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته اپوزيشن کي رڳو مرضيءَ جا فيصلا قبول هوندا آهن، اليڪشن ۾ ڪاميابي ملي ته شفاف قرار ڏيندا، شڪست تي ڌانڌلي جي واويلا ڪئي ويندي آهي، اپوزيشن جي سياسي منافقت آئي ڏينهن وائکي ٿي رهي آهي