پاڪستان ۽ قطر ۾ 10 سالن لاءِ ايل اين جي جو معاهدو

اسلام آباد: پاڪستان ۽ قطر ۾ 10 سالن لاءِ ايل اين جي جو معاهدو طئه ٿي ويو، نئين معاهدي موجب پاڪستان هر مهيني ايل اين جي جا 4 ڪارگو قطر مان گهرائيندو، قطر ۽ پاڪستان وچ ۾ ايل اين جي بابت پهريون معاهدو نواز ليگ جي حڪومتي دور ۾ ٿيو هو، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ سال کان قطر سان معاهدي جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين، نئين معاهدي سان پاڪستان کي 300 ملين رُپيا بچت ٿيندي.