سياسي پارٽيز پاران سينيٽ چونڊن ۾ غيرجمهوري قوتن جي مداخلت روڪڻ لاءِ تجويزون پيش

اسلام آباد: ملڪ جي سياسي پارٽيز سينيٽ چونڊن ۾ غيرجمهوري قوتن جي مداخلت کي روڪڻ لاءِ تجويزون اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪري ڇڏيون، اليڪشن ڪميشن ۾ سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ سياسي پارٽيز جو مشاورتي اجلاس، چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ مشاورتي اجلاس دوران سياسي پارٽيز جي نمائندن جي شرڪت، سينيٽ چونڊن لاءِ پئسن جي ڏيتي ليتي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن جو به مطالبو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان تيار ڪيل اخلاقي ضابطي بابت صلاح مشورا، اليڪشن ڪميشن به سياسي پارٽيز آڏو اخلاقي ضابطي جو مسودو پيش ڪري ڇڏيو، مسودي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيز ۽ سندن اُميدوار قانون تي عمل يقيني بڻائيندا، ڪنهن کي به پاڪستان جي خودمختياري ۽ سلامتي خلاف ڳالهائڻ جي اجازت نه هوندي، اُميدوار قومي ادارن جي ساک متاثر ڪندڙ بيان ڏيڻ کان پاسو ڪندا.