سپريم ڪورٽ جسٽس فائز عيسيٰ نظرثاني درخواستون چيف جسٽس کي اماڻي ڇڏيون

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نظرثاني ڪيس ۾ بئنچ جوڙڻ بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت درخواستون اُڪلائيندي معاملو چيف جسٽس ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، بئنچ جي سربراهه جسٽس عمر عطا بنديال ڪيس تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، 6 رُڪني لارجر بئنچ ۾ شامل جسٽس منظور احمد ملڪ فيصلي سان اختلاف ڪيو، جسٽس منظور احمد ملڪ طرفان اختلافي نوٽ لکيو ويندو.