سينيٽ چونڊون: پ پ فيصل واوڊا جا نامزدگي ڪاغذ چيلنج ڪري ڇڏيا

ڪراچي: سينيٽ چونڊن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل واوڊا طرفان جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو.

پ پ اڳواڻ قادر مندوخيل طرفان فيصل واوڊا جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪرڻ کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. قادر خان مندوخيل طرفان داخل درخواست ۾ فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ جي استدعا ڪندي چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا آمريڪي شهريت بابت حقيقتون لڪايون.

هن پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ريٽرننگ آفيسر جي سامهون اعتراض داخل ڪيا ويا پر هن ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ريٽرننگ آفيسر جو قدم غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي.

ايڊووڪيٽ قادر خان مندوخيل چيو ته فيصل واوڊا حقيقتون لڪائڻ سبب عوامي  عهدي جي لاءِ نااهل آهي ان ڪري ان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن.