اسان کي ملڪ مان پئسي جي سياست کي ختم ڪرڻو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته عوام سينيٽ جي چونڊ ۾ شفافيت چاهي ٿو،اسان کي ملڪ مان پئسي جي سياست کي ختم ڪرڻو آهي،پئسي جي سياست جو خاتمو اچڻ تائين شفافيت اچي نٿي سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته اسان جو مقصد اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ڪرڻ آهي. هن چيو ته اليڪشن کان اڳ ٿيندڙ ووٽن جي خريد ۽ وڪري سان جمهوريت ڪمزور ٿئي ٿي. وفاقي وزير چيو ته ننڍي چونڊ ۾ آيل نتيجن کي کليل دل سان قبول ڪريون ٿا. هن چيو ته اپوزيشن لاڳاتار اين آر او جي خواهشمند آهي،اسلام آباد مان اسان جو اميدوار حفيظ شيخ ئي کٽيندو.