ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي ڪپتان ڊوپليسي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

جوهانسبرگ: ڏکڻ آفريقا جي اڳوڻي ڪپتان ڊوپليسي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، فاف ڊوپليسي 2012 ۾ آسٽريليا خلاف ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو ۽ پنهنجي پهرين ٽيسٽ دوران هن ٻين اننگز ۾ ناقابل شڪست 110 رنز ٺاهيون هيون.
ڊوپليسي 69 ٽيسٽ ميچز ۾ ڏکڻ آفريقا جي نمائنگي ڪئي ۽ 36 ٽيسٽ ميچز ۾ ڏکڻ آفريقا جي قيادت به ڪئي.
ڊوپليسي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 10 سينچرين ۽ 21 اڌ سيچرين جي مدد سان 4163 رنز ٺاهيون.
فاف ڊوپليسي پاڪستان خلاف تازو سيريز جي 4 اننگز ۾ 55 رنز ٺاهيون هيون.