اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اخلاقي ضابطي جو مسودو تيار ڪري ورتو

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اخلاقي ضابطي جو مسودو تيار ڪري ورتو، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڪندڙ سياسي پارٽيز 22 فيبروري تي طلب، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ سياسي پارٽيز، اُميدوارن ۽ اليڪشن ايجنٽس لاءِ اخلاقي ضابطي جو مسودو تيار ڪري ڇڏيو آهي، سياسي پارٽيز سان صلاح مشورن به اخلاقي ضابطو جاري ڪيو ويندو.