ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 56 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد: گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وبا وگهي وڌيڪ 56 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 56 مريض فوت جڏهن ته هڪ هزار 165 ڄڻا ڄڻا هن وبا جو شڪار ٿيا آهن.

ملڪ ۾  ڪورونا وگهي فوتين جو گڏيل انگ 12 هزار 436 جڏهن ته اڃان تائين گڏيل ڪيسن جو انگ 5 لک 26 هزار 545  ڄڻا ڪورونا وبا مان صحتياب ٿيا.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 هزار 196 ٽيسٽ ڪيا ويا.