پيپلز پارٽي تيل جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پيپلز پارٽي تيل جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، تيل جي اگهن ۾ واڌ وزيراعظم عمران خان ۽ اوگرا جو ڳٺ جوڙ قرار، پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پهرين چيو ويندو هو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ جو مطلب وزيراعظم چور آهي، موجوده حڪمت هڪ سال اندر 6 ڀيرا تيل جا اگهه وڌائي ڇڏيا، آءِ ايم ايف سان گڏجي ملڪ ۾ روزانو مني بجيٽ پيش ڪئي وڃي ٿي، پيپلز پارٽي نااهل حڪومت جي مني بجيٽ کي رد ڪري ٿي.