سنڌ ۾ اکين جي مفت علاج وارين ڪئمپن جا راڱا، 50 کان وڌيڪ مريضن جون اکيون خراب ٿيڻ لڳيون

ڪراچي: سنڌ ۾ اکين جي مفت علاج وارين ڪئمپس جا راڱا، لالو رائنڪ ۽ گاجي کهاوڙ ۾ ڪيمپس تائين علاج ڪرائيندڙ 50 کان وڌيڪ مريضن جون اکيون خراب ٿيڻ لڳيون، غريب عورتن ۽ پيرسن سوڌو متاثر مريض لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي ۾ علاج لاءِ ڌڪا کائڻ تي مجبور ٿي ويا، متاثر مريضن جو چوڻ آهي ته لالو رائنڪ ۽ گاجي کهاوڙ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اکين جي مفت علاج جون ڪئمپس لڳايون ويون هيون، جتان علاج ڪرائڻ بعد سندن اکيون ٺيڪ ٿيڻ بدران خراب ٿيڻ لڳيون، مريضن طرفان چونڊيل نمائندن ۽ فلاحي تنظيمن جي سهڪار سان لڳايل ڪئمپس تي اکين جي علاج لاءِ مناسب انتظام نه هجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي، سندن چوڻ آهي ته ڊاڪٽرز اکين جي علاج ۾ تڪڙ ۽ غفلت جو مظاهرو ڪيو، اڳ ۾ ٿورو گهڻو ڏسنداسين هئاسين هاڻي ته ذرو به نٿا ڏسون، 50 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيڻ باوجود قمبر ضلعي جي انتظاميا ۽ صحت کاتو طبي ڪئمپس جي راڱن خلاف حرڪت ۾ نه آيا..