حڪومت ۽ سرڪاري ملازمن ۾ ڳالهيون ڪامياب پر ڌرڻو جاري

اسلام آباد: حڪومت ۽ سرڪاري ملازم ۾ ڳالهيون ته ڪامياب ٿي ويون آهن پر ڌرڻو ختم نه ٿيو.

گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ پورو ڏينهن پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ جهڙپون رهيون، پوليس شيلنگ ڪئي لٺيون وسايون، رستا دونهان دونهان ٿي ويا، شيلنگ سان ڪيترائي ماڻهو بيهوش به ٿي ويا، بدلي ۾ ماڻهو پٿراءُ ڪندا رهيا.

هاڻ خبرون آهن ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ سرڪاري ملازمن ۽ حڪومت وچ ۾ ٽن ڪالاڪن تائين جاري ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن.

حڪومتي وفد ۾ وفاقي وزير شيخ رشيد، بچاءَ جو وزير پرويز خٽڪ ۽ مملڪتي وزير علي محمد شامل هئا.

سرڪاري ملازمن جي اڳواڻ ٻڌايو ته سمورن گرفتار سرڪاري ملازمن کي آزاد ڪيو ويندو، صبح جو 11 وڳي حڪومتي ڪميٽي سان ملاقات ٿيندي ۽ اعلان نوٽيفيڪيشن جي صورت ۾ ٿيندو، نوٽيفيڪيشن تائين ڌرڻو ختم نه ڪيو ويندو.

احتجاج ڪندڙن ڊي چوڪ سميت اسلام آباد جي ڪيترين ئي جاين تي ڌرڻو هنيو آهي.