سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا منگي اغوا ڪيس ۾ جوابدار فياض سولنگي جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي  : سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا منگي اغوا ڪيس ۾ جوابدار فياض سولنگي جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل چيو ته پوليس شريڪ جوابدار جي بيان تي فياض سولنگي کي ڪيس ۾ نامزد ڪيو، شروعاتي جاچ ۾ سندس نالو شامل نه هو، پوليس عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته دعا منگي اغوا ڪيس ۾ جوابدار فياض سولنگي جي گاڏي استعمال ٿي هئي، دعا منگي کي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو هو.