مهانگائي مان ڇوٽڪاري جو واحد رستو ڪٺ پتلي حڪومت جو خاتمو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم عمران خان مهانگائي ۾ واڌ ۾ ذميوارن پنهنجن حوارين ۽ ڪٺ پتلين جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته عام واهپي واري شين جا اگهه وڌايا ويا آهن، عمران سرڪار مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ان ڪري ناڪام آهي جو هن حڪومت جا پنهنجا ساٿي منافعي خوري ۾ ملوث آهن، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جا وڌندڙ اگهه برداشت نه ڪيا ويندا، مهانگائي کان ڇوٽڪاري جو واحد رستو ڪٺ پتلي حڪومت جو خاتمو آهي