اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن پاران پگهارن ۾ واڌ لاءِ احتجاج ، پوليس ڪريڪ ڊائون

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن پاران پگهارن ۾ واڌ لاءِ احتجاج ڪيو ويو، پارليماينٽ هائوس آڏو احتجاج ڪندڙن کي پوليس ڪريڪ ڊائون ڪري ڪيترن ئي ملازمن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي منقتل ڪري ڇڏيو، پوليس سرڪاري ملازمن جو ڌرڻو ناڪام بڻائڻ لاءِ وڌيڪ پڪڙ ڌڪڙ به شرع ڪري ڇڏي، جڏهن ته حراست ۾ ورتل چيف آرگنائزر آل پاڪستان ايمپلائز گرينڊ الائنس رحمان باجوه به شامل اهي، پوليس سيڪريٽريٽ ويندڙ رستن تي رڪاوٽون رکي بند ڪري ڇڏيو ۽ احتجاج ڪندڙن کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو به استعمال ڪيو، جڏهن ته ملازمن طرفان پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو آهي.