هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين: ام رباب چانڊيو

دادو: هاءِ ڪورٽ جي حڪم تحت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين، دادو جي عدالت ۾ اُم رباب جي ٽن ڀاتين جي قتل ڪيس تي ٻڌڻي دوران جوابدار ڌُر جي وڪيل طرفان دليل ڏيڻ کان انڪار، ٻڌڻي دوران اُم رباب، سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو پيش، پوليس جوابدار سڪندر، علي گوهر ۽ ذوالفقار چانڊيو کي به پيش ڪيو، اُم رباب ۽ سردار چانڊيو جي وڪيلن ۾ سخت جُملن جي ڏي وٺ، اُم رباب جي وڪيل چيو ته عدالت اڳيان روسٽرم ڇڏي وڃڻ بليڪ ميلنگ آهي، جوابدار ڌُر عدالت جو وقت ضايع ڪري رهي آهي، سردار چانڊيو جي وڪيل چيو ته فريادي جو وڪيل هر ڪم ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي، هاڻي مداخلت ڪئي ته عدالت ٻاهران کيس ڏسي رهندس، فريادي ۽ جوابدار ڌُر جي وڪيلن ۾ منهن ماري بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي.