دعا منگي اغواڪيس: جوابدار فياض سولنگي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا منگي اغواڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار فياض سولنگي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان اغوا ڪرڻ بعد بازياب ڪرايل ناري دعا منگي جي ڪيس ۾ نامزد فياض سولنگي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌني ڪئي. جوابدار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته فياض سولنگي جو نالو دعا منگي جي اغوا واري ڪيس ۾ بعد ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سندس اصيل ڏوهه ۾ ملوث ناهي، تنهنڪري سندس ضمانت منظور ڪئي وڃي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دلدل ٻڌڻ بعد جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو….