ڪراچي: مني مزدا ايسوسيئيشن پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ۽ وڌيڪ ٽول ٽيڪس جي خلاف بابو صابو چوڪ تي اڄ صبح کان ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي.
رات دير سان بابو صابو چوڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مني مزدا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شير علي ۽ نذير جٽ جو چوڻ هو ته حڪومت جي ٽرانسپورٽ مخالف پاليسي سبب بابو صابو چوڪ تي ڌرڻو هڻي رهيا آهيون.
هنن مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي، ٽول پلازائن تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي وڃي ۽ جيڪي گاڏيون پڪڙيون ويون آهن انهن کي فوري طور تي ڇڏيو وڃي.
مني مزدا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به مڪمل هڙتال هوندي ۽ اتي به مني مزدائون روڊن تي نه نڪرنديون.