اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ڊينيئل پرل ڪيس ۾ جوابدارن جي نظربندي واري عبوري حڪم ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عمر شيخ سوڌو ٻين جوابدارن جِي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ وارِي اٽارني جنرل جِي استدعا رد، جوابدارن جي بريت واري فيصلي خلاف سنڌ سرڪار جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي اٽارني جنرل چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي سرڪار جو موقف ٻڌڻ بنا جوابدارن جي آزادي جو فيصلو ٻڌايو، وفاق کي هن ڪيس ۾ ڌُر به نه بڻايو ويو، سپريم ڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آرڊر شيٽ ڏسڻ بنا فيصلو ڪيئن معطل ڪري سگهجي ٿو؟ اسان فيصلو معطل نٿا ڪريون، هن ڪيس ۾ جوابدار نه، پر حڪومت ڪٽهڙي ۾ آهي، عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.