ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ عمر شيخ ۽ ٻين جوابدارن جِي بريت واري فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جِي نظرثاني درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد : سُپريم ڪورٽ، امريڪي صحافي ڊينئل پرل قتل ڪيس ۾ عمر شيخ ۽ ٻين جوابدارن جِي بريت واري فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جِي نظرثاني درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي،

جسٽس عمر عطا بنديال جِي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پهرين فيبروري تي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس مشير عالم جِي سربراهي ۾ قائم بينچ جوابدار عمر شيخ ۽ ٻين جي بريت خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪئي هئي، سنڌ حڪومت ٻيهر نظرثاني درخواست داخل ڪرائي آهي..