ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم تي پاڪستان ۽ ڏکڻ افريڪا وچ ۾ مئچ سبب مُک رستا بند ٿيڻ وارو معاملوعدالت پهچي ويو

ڪراچي : ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم تي پاڪستان ۽ ڏکڻ افريڪا وچ ۾ مئچ سبب مُک رستا بند ٿيڻ وارو معاملو عدالت پهچي ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ شهري جي درخواست تي چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ڌُرين کان 4 فيبروري تائين جواب طلب، شهري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته  شهر ۾ 25 ڏينهن لاءِ اهم رستا بند ڪيا ويا آهن، سڄو ڏينهن رستا بند هجڻ سبب شهري پريشانين جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.