ڪراچي ٽيسٽ: پاڪستان ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين اننگز ۾ 88 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي

ڪراچي :ڪراچي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان 8 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهي ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين اننگز ۾ 88 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ڪراچي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان پنهنجي رهيل اننگز 4 وڪيٽن جي نقصان تي 33 رنسن کان شروع ڪئي ته فواد عالم ۽ اظهر علي ڪريز تي موجود هئا.
ان موقعي تي ٻنهي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو ۽ 94 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
اظهر علي 51 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، جڏهن ته محمد رضوان 33 رنسون ٺاهي سگهيو، ان کانپوءِ فواد عالم جو ساٿ نڀائڻ فهيم اشرف ڪريز تي پهتو، جنهن پڻ زبردست بيٽنگ ڪندي فواد عالم سان گڏ 100 کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي.
ان دوران فواد عالم پنهنجي ڪيريئر جي ٽين سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته فهيم اشرف به ففٽي اسڪور ڪري ورتي.
278 جي مجموعي اسڪور تي فواد عالم همت هارائي ويٺو، جنهن 109 رنسن ٺاهيون، جڏهن ته ڪجهه دير کانپوءِ 64 رنسون ٺاهيندڙ فهيم اشرف به وڪيٽ وڃائي ويٺو.
ٻئي ڏينهن راند جي پڄاڻي تائين پاڪستان 8 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهيندي ڏکڻ آفريقا خلاف پهرين اننگز ۾ 88 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان طرفان حسن علي 11 ۽ نعمان علي 6 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريقي ٽيم پهرين اننگز ۾ 220 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي.