ڪراچي ۾ گورنر هائوس جي گاڏي ۾ ڪتي جو سير ، وڊيو وائرل

ڪراچي: ڪراچي ۾ گورنر هائوس جي گاڏي ۾ ”ڪتي“ کي پوليس پروٽوڪول ۾ کڻي وڃڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ لينڊ ڪروزر تي هڪ ڪتو نظر اچي رهيو آهي، لينڊ ڪروزر جي اڳيان ۽ پوليس جون گاڏيون سڪيورٽي پروٽوڪول ۾نظر اچي رهيون آهن. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو صوبائي وزير تيمور ٽالپر ٺاهي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب رد عمل ڏيندي چيو آهي ته هي چوندا هئا ته اسان پروٽوڪول جي خلاف آهيون ۽ پروٽوڪول نه وٺنداسين، هاڻي ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ڪتو گورنر هائوس جي گاڏي ۾ پروٽوڪول وٺي رهيو آهي، مهرباني گورنر صاحب!.