نالائقن، نااهلن ۽ چورن ملڪ نيلام گهر بڻائي ڇڏيو آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد: مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نالائقن، نااهلن ۽ چورن ملڪ نيلام گهر بڻائي ڇڏيو آهي، عمران صاحب “سڀ وڪڻي ڇڏيو” واري ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي.پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عوام جو اٽو، بجلي، گئس، دوائون ۽ ڪاروبار کسڻ واري چور ۽ ڪرپٽ عمران مافيا هاڻي قوم جا اثاثا کائي رهي آهي.هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي دور ۾ منصوبا بڻجي رهيا هئا ۽ نئين پاڪستان ۾ منصوبا نيلام ٿي رهيا آهن.مريم اورنگزيب چيو ته قومي اثاثا جهڙي طريقي سان گروي رکيا پيا وڃن، ڪوبه محب وطن ايئن نٿو ڪري سگهي.