سنڌ حڪومت سينيٽ چونڊن واري ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: سنڌ حڪومت سينيٽ چونڊن واري ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب سينيٽ چونڊن واري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن صدارتي ريفرنس جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته صدارتي ريفرنس سياسي مصلحت تي داخل ڪيو ويو. صدر  عارف علوي طرفان موڪليل ريفرنس ۾ ڪوبه قانوني سوال ناهي اٿاريو ويو. ان ڪري  سپريم ڪورٽ صدارتي ريفرنس بابت پنهنجي راءِ ڏيڻ کان انڪار ڪري.

سنڌ حڪومت جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ جون چونڊون آئين جي تحت ٿينديون آهن. اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ صرف سينيٽ چونڊن جو طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي. سينيٽ چونڊن تي آئيني آرٽيڪل 226 لاڳو ٿيندو آهي.