وزيراعظم مهانگائي تي غور ويچار لاءِ اڄ اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان بنيادي ضرورتن وارين شين جي اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان اڄ هڪ اهم اجلاس گهرائي ورتو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس اڄ شام جو ٿيندو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزير، مشير ۽ مددگار شريڪ ٿيندا، ملڪ ۾ ضرورتن وارين شين جي موجودگي ۽ کوٽ جو جائزو ورتو ويندو ۽ ذخيره اندوزي خلاف صوبائي حڪومتن جي قدمن تي بريفنگ ٿيندي، جڏهن ته عوام کي رليف ڏيڻ تي پڻ غور ويچار ٿيندو.