پي ٽي آءِ ايم اين اي ڪنول شوزب کي شهري سان معاملو طئي ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي ڪنول شوزب کي جهيڙي کانپوءِ شهري سان معاملو طئي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ جي چيف جسٽس اطهر من الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڪنول شوزب خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کي روڪڻ جي حڪم ۾ 27 جنوري تائين واڌ ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته عدالت هينئر تائين ڪوبه حڪم جاري نه ڪري رهي آهي،صبر جو مظاهرو ڪريون پيا.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي ايم اين اي جي وڪيل شهري سان معاملو طئي ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ورتو