براڊ شيٽ فيصلي ۾ رستن ۾ ڪرپشن جو ذڪر، مراد سعيد پاران اين ايڇ اي کان رپورٽ طلب

اسلام آباد: براڊشيٽ بابت فيصلي ۾ نوازشريف جي رستن جي اڏاوت دوران ڪرپشن ۽ ڪميشن جو ذڪر اچڻ کانپوءِ وفاقي وزير مراد سعيد اين ايڇ اي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.براڊشيٽ فيصلي ۾ اسلام آباد –لاهور موٽر وي جي هڪ منصوبي ۾ 16 ڪروڙ ڊالر ن جي ڪرپشن ڪئي وئي.فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته نوازشريف ۽ ان جي حوارين ٺيڪيدارن کي غلط ادائيگين سان 16 ڪروڙ ڊالر ڦٻايا.مراد سعيد ڄاڻايو ته براڊ شيٽ فيصلي جي روشني ۾ رپورٽ گهري وئي آهي.