پي ٽي آءِ پاران فارين فنڊنگ بابت اسڪروٽني ڪميٽي وٽ جواب جمع

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي وٽ فارين فنڊنگ بابت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو ، ڪميشن پي ٽي آءِ جي درخواست تي 19 سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻ ڪوڙ ڳالهائيندڙن کي به رسيدون جمع ڪرائڻيون پونديون.هن چيو ته اڄ وري اليڪشن ڪميشن تاريخي آرڊر پاس ڪيو، پارٽين کي آمدني جا ذريعا ۽ اثاثا جمع ڪرائڻا آهن،هاڻ انهن کي رسيدون ۽ حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو.هن چيو ته ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز به گذريل ڏينهن احتجاج دوران بهتان بازي ڪئي،هوءَ قوم کان معافي وٺي.پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ته پيپلز پارتي ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي اسڪروٽني جاري آهي،گذريل پنجن سالن کان پارٽي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال ٿيندي.