سنڌ ۾ مختلف ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون

ڪراچي : سنڌ ۾ مختلف ڪامورن جون بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18هين گريڊ جو آفيسر انيس دشتي گورنر سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18هين گريڊ جو اصغر گهانگهرو ريفارم سپورٽ يونٽ جو پروگرام مينيجر مقرر ڪيو ويو آهي، 18هين گريڊ جي ذوالفقار خشڪ کي پي ڊي ايم اي ۾ ريجنل ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو، آبپاشي کاتي جو سيڪشن آفيسر فهد جاگيراڻي صحت کاتي ۾ مقرر ڪيو ويو،  چيف مانيٽرنگ آفيسر جبار راجپوت جون خدمتون سوئي سدرن گيس ڪمپني حوالي ڪيون ويون آهن، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 17هين گريڊ جو رضوان خان سنڌ فوڊ اٿارٽي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي، 18هين گريڊ جو فرقان لغاري ڊپٽي ڊائريڪٽر تعليم ميرپور خاص ۾ مقرر ڪيو ويو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 18هين گريڊ جو آصف جان صديقي صحت کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيا.