محمد عامر ٽيم ۾ واپسيءَ جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي

ڪراچي : فاسٽ بالر محمد عامر قومي ٽيم ۾ واپسيءَ جي خبرن تي وضاحت ڏئي ڇڏي.
محمد عامر جي حوالي سان گذريل ڏينهن ميڊيا تي اهي خبرون هليون هيون ته هن رٽائرمينٽ واپس وٺڻ جو اشارو ڏنو آهي ۽ ان معاملي تي پاڻ بورڊ کي آگاهه ڪندو.
هاڻ فاسٽ بالر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وضاحت ڪئي آهي ته مان رڳو ان وقت پاڪستان لاءِ دستياب هوندس، جڏهن هيءَ مئنيجمينٽ ڇڏي ويندي، تنهن ڪري پنهنجي اسٽوري کپائڻ لاءِ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ ڇڏي ڏيو.