استعيفائن ۽ لانگ مارچ جي فلاپ فلم تي پي ڊي ايم ۾ ماتم آهي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته استعيفائون ۽ لانگ مارچ جي فلاپ فلم تي پي ڊي ايم ۾ ماتم هلندڙ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پي ڊي ايم ۾ هرڪوئي پنهنجي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، راجڪماري، شهزادو ۽ مولانا ۾ اختلاف وڌي چڪا آهن. فردوس عاشق اعواڻ چيو ته منافقن جو ٽولو استعيفائون نه ڏيندو، چور ۽ ڦورو لانگ مارچ ڪري نٿا سگهن. خاص معاون چيو ته مخالف ننڍي چونڊ به وڙهندا ۽ سينيٽ اليڪشن به، عوام سياسي مشڪرن جي قلا بازين تي حيران آهي. هن چيو ته ڪرونا تي ناڪاري سياست ڪندڙ ڇڙواڳي جي سياست جا ترا نڪري ويا آهن….